شاعر عامر سيال

شاعر عامر سيال

عامر سيال

عامر سيال : نئين ٽهيءَ جو شاعر ۽ ليکڪ عامر سيال، 20 جنوري 1980ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد محمد خان سيال سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ آهي، جنهنڪري هن ۾ به ننڍپڻ کان ئي لکڻ جو چاهه پيدا ٿيو. هِن پرائمري تعليم ڪراچيءَ مان سنڌي- انگلش ميڊيم اسڪول ’عباسي اڪيڊمي‘ مان حاصل ڪئي، جتي نامور ليکڪا ۽ شاعره شبنم موتيءَ کيس پڙهايو. هن سيڪنڊري تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، جتان 1996ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. انٽر ايس ايم ڪاليج مان 1999ع ۾ ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين ۽ پوءِ ايم ايَ (سنڌي ادب) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان 2008ع ۾ پاس ڪيائين. عامر سيال لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان روزاني ’هلال پاڪستاناخبار جي ٻارن جي صفحي ۾ لکڻ کان ڪئي. 1996ع ۾ شاعري ڪرڻ جي شروعات ڪيائين. هي بيحد پختي ۽ سگهاري شاعري ڪري ٿو ۽ عامر سيال پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان اڳتي وڌي پاڻ کي مختصر عرصي ۾ مڃائي ورتو آهي. پابند شاعريءَ جي هر صنف تي لکيو اٿس. سندس غزل ۽ نظم وڌيڪ سگهارا آهن.هن جي ادبي پورهيي جو تفصيل هِن ريت آهي: (1) 1998ع ۾ هند جي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو ’چورايل خوشيءَ جو سک‘ ترتيب ڏئي ڇپايائين. (2) سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’سمنڊُ اکين ۾‘ 2004ع ۾ سورٺ اڪيڊمي ڪراچي شايع ڪيو. (3) سندس ٻيو شعري مجموعو ’اکڙيون ڏِيل ڏِيئا‘ 2008ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو. عامر سيال جي شاعريءَ تي محمد ابراهيم جويي، شمشيرالحيدري، قمر شهباز، عبدالحڪيم ارشد، آثم ناٿن شاهي، تاج جويي، تاجل بيوس، مريم مجيدي، نصير مرزا، آسي زميني، واسديو موهي، لڇمڻ ڪومل رايا لکي سندس همت افزائي ڪئي. عامر سيال جي شاعري سنڌ جي ڪيترن فنڪارن ڳائي آهي، سندس پهريون ڪلام 1997ع ۾ حنيف لاشاري جي البم ’مسافر‘ ۾ رليز ٿيو.عامر سيال کي سياحت سان گهڻي دلچسپي رهي آهي، ڪيترا ملڪ ڏٺا آهن، ۽ اُتان جا سفرناما لکيا آهن. هن 2007ع ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس (لنڊن) جي خاص دعوت تي سائين جي. ايم. سيد جي جنم ڏينهن جي حوالي سان رٿيل تقريب ۾ لنڊن ۾ شرڪت ڪئي. ڪجهه عرصو برطانيا جي شهر لنڊن ۾ رهيو، جتان جون ساروڻيون ’سوڀ سنڊيَ مئگزين‘ ۾ قسط وار شايع ٿينديون رهن ٿيون.عامر سيال 2008ع ۾ سنڌ جي اديبن جي هڪ وفد سان گڏ ڀارت جي دوري تي ويو، جتي هُن ڪيترين ادبي ۽ ثقافتي تقريبن ۾ حصو ورتو.عامر سيال مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن، هفتيوار ’سوڀ سنڊَي مئگزين‘ جو ايڊيٽر رهيو آهي. 2009ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پراجيڪٽ ۾ سينئر ريسرچ فيلو/ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ ڪجهه عرصو اداري جي ’سنڌي ڊڪشنري سيل‘ جو انچارج رهيو. 2013ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عامر سيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.01.20  عيسوي

نئين ٽهيءَ جو شاعر ۽ ليکڪ عامر سيال، 20 جنوري 1980ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رکيل شاهه
ايوب فقير آريسر
دائم فقير
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
سليم جعفر
رضا بخاري
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
امام علي جنجھي
سيتل داس سوامي
دقيقي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون